طُريل تاج محمد

طُريل تاج محمد

طريل تاج محمد

طُريل تاج محمد: مشهور بزرگ سخي تاج محمد طريل حضرت مخدوم نوح سرور رحه جي خاندان مان هو. سندس شجره نسب حضرت صديق رضه'>ابوبڪر صديق رضه سان ملي ٿو. سخي تاج محمد هڪ وڏو پٽڪو ٻڌندو هو، جنهن جو طُرو (پٽڪي جو ڇيڙو) هيٺ ٿرڪيل هوندو هو، انهيءَ ڪري کيس طريل سڏيو ويندو هو. هو ڪلهوڙن جي دؤر جو بزرگ هو. شروع ۾ کيس مذهبي ۽ ديني تعليم ڏانهن لاڙو هو. جڏهن جواني جي عمر ۾ پير رکيائين ته هي حيدرآباد ويو، جتي هن پنهنجي مرشد سيد جعفر شاهه رضويءَ کان روحاني فيض حاصل ڪيو ۽ ان جو مريد ٿي ست سال مرشد وٽ رهي سندس خدمت ڪيائين. ٻئي روايت ۾ ڄاڻايل آهي ته سخي پير اصل حيدرآباد جي ناهين جي پڙ جو رهاڪو هو ۽ سخي پوٽه خاندان جو چشم و چراغ هو. هو ننڍي هوندي کان ئي مستاني طبيعت جو مالڪ هو. ڪابه ظاهر تعليم نه ورتي هئائين. حضرت لعل قلندر شهباز جو مريد ۽ عاشق هو. ڪيترائي دفعه پيرن پنڌ سيوهڻ جو سفر ڪيو هئائين. جتان کيس روحاني فيض مليو. پوءِ هو حيدرآباد ۾ ميمڻ محلي ويجھو قاضي عبدالقيوم پرائمري اسڪول جي سامهون جھنڊل فقير جي پڙ تي جھنڊو کوڙي اچي ويٺو سندس ڪرامت جو ٻڌي پري جا ماڻهو ايندا هئا. چون ٿا ته هن پنهنجي فيض سان ڪيترن ئي بيمارن، غريبن ۽ محتاجن کي نوازيو. سخاوت ۾ تمام گھڻو مشهور هوندو هو، ان ڪري سندس عقيدتمند سخي جي نالي سان کيس ياد ڪندا هئا. ڏينهن رات الله جي ذڪر ۾ مشغول رهندو هو. کيس وفات کانپوءِ وصيعت مطابق درگاهه جهنڊل فقير جي درگاهه جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو. هر سال 23 رجب کان 25 رجب تائين سندس عرس ملهايو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو